ڪنڌڪوٽ ۽ ميهڙ جي عدالتن قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ڀائرن سميت ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

ڪنڌڪوٽ ۽ ميهڙ جي عدالتن قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ڀائرن سميت ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ڪنڌڪوٽ جي  ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج رجب علي شر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالستار عرف ستارو پٽ عارب شيخ کي عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ياد رهي ته 2017 ڌاري گڊو واري علائقي ۾ جوابدار ستارو شيخ پنهنجي زال شبانا کي ڪارنهن الزام هيٺ بي ايس فيڊر وٽ ڏنڊا هڻي قتل ڪيو هو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري گڊو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو.

هوڏانهن  ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن طارق پنهور ۽ سندس ڀاءُ زاهد پنهور کي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

جوابدارن جون 2015ع ۾ميهڙ جي راڌڻ روڊ تي معمولي ڳالهه تان نظير پٽ گل محمد سوڍر کي  قتل ڪيو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*