وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برساتن جي حوالي سان اجلاس ٿيو

سنڌ حڪومت ٺٽَي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ رين ايمرجنسي لڳائي ڇڏي،  وڏي وزير پي ڊي ايم اي سميت سمورن ادارن کي برساتن کي منهن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته شديد برساتن جي اڳڪٿي آهي، انتظام بهترين ٿيڻ گهرجن.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برساتن جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه، سعيد غني، فراز ڏيرو، مرتضيٰ وهاب ۽ مخدوم محبوب الزمان سميت ٻين وزيرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ٺٽَي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ وڌيڪ برساتون پوڻ جي خدشي سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي

وڏي وزير پي ڊي ايم اي سميت سمورن ادارن کي برساتن جي حوالي سان ڀرپور تيارين جي هدايت ڪندي چيو ته هن ڀيري شديد برساتن جي اڳڪٿي ٿيل آهي، جنهن ڪري انتظام به بهتر ٿيڻ گهرجي

وڏي وزير آءِ جي سنڌ پوليس کي عيد جي حوالي سان ڀرپور سيڪيورٽي جي منصوبابندي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*