پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ،نون ليگ اڳواڻ مريم نواز جي گرفتاري جي شديد لفظن ۾  مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن کي وڙهڻو آهي ته مردن سان وڙهن

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ،نون ليگ اڳواڻ مريم نواز جي گرفتاري جي شديد لفظن ۾  مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن کي وڙهڻو آهي ته مردن سان وڙهن، عورتن جي خلاف قدم کڻڻ تي کين شرم اچڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ عورت اپوزيشن ميمبر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي

هن چيو ته منهنجو خاندان  هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي نسلن کان سياست ڪري رهيو آهي، اسان سڀني کي ڏٺو، پهريان فوجي آمر جنرل ضياءَ کي ڏٺو ۽ هاڻ نئين آمراڻي نظام کي ڏسي رهيا آهيون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون.تاريخ هي ياد رکندي ته عمران خان جيڪو انصاف جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نوجوانن کي چوندو هو ته مان سڀني کي موقعو ڏيندس، ان جي نئين پاڪستان ۾ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري مذمت ڪرڻ کانپوءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*