سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندي

سنڌ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندي، مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ نالن جي بند ٿيڻ واري عمل کان بچڻ لاءِ ٿيلهين تي پابندي لڳائي پئي وڃي.

هن چيو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي جاءِ تي ڪپڙي جا بيگ متعارف ڪرايا ويندا

مرتِضي وهاب وڌيڪ چيو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابنديءَ جو فيصلو ماحوليات کاتي پاڻ ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ماحولياتي گدلاڻ کان بچڻ ۽ نالا بند ٿيڻ واري عمل کان بچڻ آهي

مرتضيٰ وهاب چيو ته ماحوليات کاتي پلاسٽڪ جي ٿيلهين سبب خراب ٿيندڙ ماحول بابت عوامي آگاهي مهم  به شروع ڪئي وئي آهي، انهيءَ مهم تحت ئي ماڻهن کي ڪپڙي جا بيگ تقسيم ڪيا ويندا

هن چيو ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ٺاهڻ وارا ڪارخانا، دڪاندار ۽ قومي ميڊيا به ماحولياتي گدلاڻ کان بچڻ واري مهم ۾ ساٿ ڏين

مرتضيٰ وهاب واضح ڪيو ته پهرين آڪٽوبر کانپوءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل پابندي لاڳو هوندي، ان باوجود ٿيلهين جو استعمال ڪيو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*