قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سموري دنيا جي پارليامينٽس کي خط لکي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت بابت آگاهي ڏني آهي.

پاڪستان والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال وارو معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سموري دنيا جي پارليامينٽس کي خط لکي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت بابت آگاهي ڏني آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر بين الپارلياماني يونين جي 189 ملڪن جي پارليامينٽس خط لکي چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ سان خطي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جون چونڊيل پارليامينٽس ڀارت جي انسانيت کي لڄائيندڙ ڏوهه خلاف آواز بلند ڪن

اسپيڪر پاران لکيل خط ۾ چيو ويو ته ڀارت پاران ڪشميرن جي خاص اهميت بابت آرٽيڪل 35 اَي ۽ آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ والاريل ڪشمير جي عوام سان تاريخي دوکو آهي

خط جي متن ۾ چيو ويو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن سان والاريل ڪشمير جي عوام کي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم ڪيو آهي

اسپيڪر اسد قيصر خط جي متن ۾ چيو ته ڀارتي آئين والاريل ڪشمير جي پرامن حل لاءِ سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جو هڪ بنياد هو، ڀارتي فيصلو سلامتي ڪونسل جي فيصلن جي خلاف آهي

خط جي متن ۾ چيو ويو ته ڀارت ڪشميري عوام کي خودمختياري کان محروم ڪري پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪيو آهي

خط ۾ چيو ويو ته ڀارت پاران ڪنٽرول لائين جون ڀڃڪڙيون به معمول بڻجي ويون آهن، نيوڪليئر ملڪن وچ ۾ اهڙي صورتحال سموري دنيا لاءِ وڏا خطرا پئدا ڪري سگهي ٿي

اسپيڪر اسد قيصر خط جي متن ۾ مطالبو ڪيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير جي موجوده خراب صورتحال جو نوٽيس وٺي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*