وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون، پر ڀارت جنگ مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون، پر ڀارت جنگ مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، ڀارت والاريل ڪشمير جي صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحدن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان آهن.

 اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هٽلر جي رستي تي نڪري پيو آهي، ائين لڳي ٿو ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي ڪرائڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته ڀارت هاڻي پنهنجو آخري پتو استعمال ڪيو آهي، اسان کي خطرو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو

سندس چوڻ هو ته ڀارتي قدمن سان والاريل ڪشمير مان سخت ردعمل سامهون ايندو، جڏهن والاريل واديءَ تان ڪرفيو هٽايو ويندو ته اتان مودي سرڪار لاءِ سخت ردعمل سامهون ايندو

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلي تي اسان کي اولهه جي ملڪن ۾ ڄاڻ ڏيڻي آهي ۽ اها ڄاڻ جي جنگ آهي جيڪا اسان کي کٽڻي آهي، ان لاءِ موجوده صورتحال ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت پلوامه واقعي کانپوءِ صورتحال مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو عالمي برادري اسان جو موقف ٻڌو

وزيراعظم چيو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف  ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ چاهي ٿو، اسان جنگ جو رستو نه ٿا چاهيون پر لڳي ٿو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي

صحافين سان ڳالهين بعد پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا منتظر آهي ته والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم ٿئي ته اهاه ڏسي ته والاريل ڪشمير ۾ عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي

عمران خان چيو ته بي جي پي حڪومت جو خيال آهي ته هو فوجي طاقت سان آزادي واري تحريڪ کي روڪي سگهي ٿي؟، والاريل ڪشمير ۾ فوجي طاقت جي استعمال سان آزادي واري تحريڪ وڌيڪ تيز ٿيندي.

هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ڪشميرين جي نسل ڪشي جو نظارو ڪندي، سوال اهو آهي ته ڇا اسان هن ڀيري به بي جي پي سرڪار جي چهري پويان فسطائيت جو هڪ وڌيڪ مظاهرو ڏسنداسين يا پوءِ عالمي برادري ۾ ائين ڪرڻ کان روڪڻ جي اخلاقي جرئت هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*