خانپور جي ڳوٺ علي شير جهانگواڻي ۾ جوابدارن 15سالن جي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

خانپور جي ڳوٺ علي شير جهانگواڻي ۾ جوابدارن 15سالن جي نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، نينگري جي رڙين تي ڳوٺاڻا پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا.

ڏاڍائي جي ڪوشش دوران زخمي ڪيل نينگري کي وارثن مقامي اسپتال آندو جتان طبي امداد ڏئي کيس شڪارپور منتقل ڪيو ويو

وارثن الزام مڙهيندي چيو ته جوابدارن رمضان ۽ نور احمد جھانگواڻي زميني تڪرار تان نياڻي کي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدران کيس ۽ سندس مدد لاءِ آيل نينگر کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

نينگري جي والد چيو ته ناپر ڪوٽ پوليس مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ٻين کي گرفتار ڪري ڪارروائي کي لٽائي رهي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي نينگري کي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف فراهم ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*