رمضان شگر ملز ڪيس  ۾ احتساب عدالت حمزا شهباز  جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 21 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

رمضان شگر ملز ڪيس  ۾ احتساب عدالت حمزا شهباز  جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 21 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي احتساب عدالت  ۾ رمضان شگر ملز جي شنوائي ٿي.

مسلم ليگ جو صدر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف ڪشمير ايشو تي قومي اسيمبلي جو اجلاس هجڻ سبب پيش ٿي نه سگهيو.عدالت شهباز شريف کي ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو سپليمنٽري ريفرنس تيار آهي، جيڪو جلد عدالت ۾ پيش ڪيوويندو.

احتساب عدالت ، حمزا شهباز جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 21 آگسٽ تائين واڌ ڪندي  شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ شنوائي تي رمضان شگر ملز  جو سپليمنٽري چالان پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*