قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف  چيو ته مريم نواز جي گرفتاري ظلم آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  چيو آهي ته شريف خاندان پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ڇڏيندو، پر عمران خان نيازي جي اڳيان نه جهڪائيندو، نيب مريم نواز  کي پنهنجي والد جي سامهون گرفتار ڪيو ، ڇا نيب هن کي ڪوٽ لکپت کان گهر ويندي رستي يا رائي ونڊ مان گرفتار ڪري نه پئي سگهي؟

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف  چيو ته مريم نواز جي گرفتاري ظلم آهي.

شهباز شريف چيو ته منهنجو ڀاءُ ميان نوازشريف پهريان به پنهنجي بيمار گهر واريءَ کي لنڊن ۾ ڇڏي، نياڻي سان گڏ گرفتاري ڏيڻ لاءِ آيو هو،هاڻ به شريف خاندان تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن.

هن چيو ته قوم ڳري دل سان آزادي جو جشن ملهائيندي،سڀني کي  خبر آهي ته شريف خاندان جي خلاف هي پهريون ڀيرو ظلم نه  پيو ڪيو وڃي، ماضي ۾ به اسان کي گرفتارڪيو ويو.

هن چيو ته اسان ماضي ۾ فوجي آمر پرويز مشرف جي دور  ۾ ڏاڍ کي برداشت ڪيو.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته هي حڪومت جي ڀل آهي ته اها ڏاڍ جي بنياد تي اسان کي جهڪائي ڇڏيندي.حڪومتي ظلم کي برداشت ڪندي منهنجي عمر گذري آهي.حڪومت مخالف ڌر کي ديوار سان لڳائڻ چاهي ٿي، پر مخالف ڌر حڪومت کي ديوار سان لڳائي ڇڏيندي.

هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪ کي اونداهي مان ڪڍڻ نوازشريف جو ڏوهه آهي؟شاهد خاقان عباسي  گيس جون قيمتون وڌڻ نه ڏنيون.هاڻ قوم جي نياڻي مريم نواز کي جيل موڪليو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*