ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد سمجهوتا ايڪسپريس کانپوءِ ٿر ايڪسپريس به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد سمجهوتا ايڪسپريس کانپوءِ ٿر ايڪسپريس به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي مشاورت سان ٻئي ٽرينون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

هن چيو ته  والاريل ڪشمير ۾ مودي پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، هاڻي ڪشميري جيڪو ڪم ڪندا اها سموري دنيا ڏسندي. شيخ رشيد چيو ته چوڌري شگر ملز سموري شريف خاندان کي شوگر ڏئي ڇڏيندي

هن چيو ته ڪشميرين جو ساٿ نه ڏيندڙ غدار سڏرائيندا، عيد کانپوءِ آزاد ڪشمير جو دورو ڪندس،جڏهن ته پاڪستان ڀارت سان جنگ نٿو چاهي

شيخ رشيد چيو ته ڀارت شملا ٺاهه ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن کي دفن ڪري ڇڏيو آهي

هن وفاقي وزير فواد چوڌري تي به ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ٻين جي وزارتن ۾ منهن هڻڻ فواد چوڌري جي عادت آهي، ان کي سنجيندهه وٺڻ جي ضرورت ناهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*