ملڪ جي 72 ھين جشن آزادي جون تياريون عروج تي پھچي ويون آهن، ٻين صوبن جيان سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن کي به محب وطن ماڻهن سبز ھلالي پرچمن سان سجائي ڇڏيو آهي

ملڪ جي 72 ھين جشن آزادي جون تياريون عروج تي پھچي ويون آهن، ٻين صوبن جيان سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن کي به محب وطن ماڻهن سبز ھلالي پرچمن سان سجائي ڇڏيو آهي، مختلف شهرن ۾ جشن آزادي ريليون ڪڍي مادر وطن سان وفا جو وچن ورجايو ويو.

پاڪستان جي 72 ھين جشن آزادي جون تياريون عروج تي پھچي ويون آهن، مختلف شهرن ۾ جشن آزادي ريليز ڪڍي مادر وطن سان وفا جو وچن ورجايو پيو وڃي

سيٺارجا ٿاڻي کان پريس ڪلب تائين  پوليس  جي جوانن پاران جشن آزادي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اهلڪارن پاڪستان زنده آباد،  سنڌ پوليس زنده آباد جا نعرا هنيا

سوڀوديرو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال حسين جنڊاڻ ۽ ٽائون چيئرمين رسول بخش سھتو جي سھڪار سان جشن آزادي پروگرام ھائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊي اي او تعليم خيرپور ايليمنٽري ھائير سيڪنڊري اياز حسين مھيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائمري سکر نور محمد سھتو، پرنسپال ھائيرسيڪنڊري اسڪول منير احمد ڀاڳت سميت  ٻين اسڪولن جي پرنسپالن، ھيڊ ماسترن، شاگرن، شاگردياڻين ۽ ٻارڙن جي والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اي سي سوڀوديرو  ۽ ٽائون چيئرمين نئون جهنڊو ڦڙڪايو ۽  جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو

مختلف اسڪولن کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ جشن آزادي جي حوالي سان  تقريري مقابلا ڪرايا ويا جڏهن ته  شاگردن ۽ شاگرياڻين ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ۔

رتي ديري ۾آل پرائيويٽ اسڪول مئنجمينٽ طرفان ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول محمّد ادريس سيال، عنايت الله چانڊيو ۽ آل پرائيويٽ اسڪول جي صدر نشاط ٿھيم جي اڳواڻي ۾ شاندار  جشن آزادي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن قومي جھنڊي جو لباس ۽ سيني تي پاڪستان زنده باد جا بيج سجائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

  ريلي شھر جي مختلف ھندن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي شاگردن پاران ملي نغمن تي رقص ڪيو ويو

دادو، ميرپورماٿيلي، ڏھرڪي، اوٻاوڙي ۽  غوثپور  ۾ جشن آزادي ريليز ڪڍي ملڪي سالميت لاءِ  جان گهورڻ جو وچن ورجايو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*