سنڌ اسيمبلي ۾پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو آهي

سنڌ اسيمبلي ۾پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري وقتي گورنر آهي، جيڪا اجلاس جي صدارت نٿي ڪري سگهي.

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو

اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري خرم شير زمان  کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته پهريان سوالن ۽ جوابن جو وقفو آهي

پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ريحانه لغاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان وقتي گورنر آهيو، اجلاس جي صدارت نٿا ڪري سگهو

ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جواب ڏيندي چيو ته مان وقتي گورنر ناهيان،ڊپٽي اسپيڪر آهيان

 اپوزيشن جي گوڙ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ٻي پاسي متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن پاران به اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءٌ جمع ڪرايو ويو

ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران مهاجرن جي توهين ڪئي آھي، کيس معافي وٺڻ گهرجي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*