ملڪ ۾ چوماسيءَ جي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ملڪ ۾ چوماسيءَ جي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ چوماسيءَ جي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي وري هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ برسات جاري آهي

گذريل ڏينهن کان لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به برسات جاري آهي، فيصل آباد ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ برسات کانپوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه ٿي وئي آهي

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾به برسات شروع ٿي آهي، سبي ۾ برسات کانپوءِ پاڻي جي وهڪرن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون آهن جڏهن ته زميني رابطو به ڪٽجي ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*