سجاول ويجهو سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش سوڌو ڌرڻو هنيو

سجاول ويجهو سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش سوڌو ڌرڻو هنيو

ڳوٺ علي مراد سولنگي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين  ۾ پلاٽ جي مالڪي  تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا عبدالڪريم سولنگي، عبدالغني سولنگي، سڪندر سولنگي ۽ محرم سولنگي  زخمي ٿي پيا هئا

زخمين مان عبدالڪريم سولنگي کي ڳڻتي جوڳي حالت ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

فوتي جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پبلڪ پارڪ چوڪ تي لاش سوڌو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اڄ وڄ معطل ٿي وئي

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جهيڙي جي مک جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*