اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت کي سليڪٽڊ نه چوان ته ڇا چوان؟ 

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾  ڀارت اسان کان ڪشمير کسي ورتو آهي، پ پ هر دور ۾ انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏنو آهي، نيازي حڪومت جي ڪارروايون کي به منهن ڏنو ويندو.

اسلام آباد ۾ پمز اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ حڪومت کي سليڪٽڊ نه چوان ته ڇا چوان؟  ڊاڪٽرز پاران فريال ٽالپر کي اسپتال مان ڊسچارج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان اڳ به انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏنو ۽ هاڻي به ڏينداسين، نيازي سرڪار جون ڪارروايون اسان لاءِ نيون نه آهن.

هن چيو ته جن ماڻهن ۾ غيرت نه هجي اهي ئي عورتن ۽ بزرگن جي پويان لڳندا آهن ۽ هن حڪومت ۾ غيرت ئي نه آهي

سندس چوڻ هو ته هن موقعي تي اسان کي ڪشمير مسئلي تي گڏيل پيغام ڏيڻ گهرجي ها پر حڪومت رڳو سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي رهي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هيءَ اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته اسان کي سليڪٽڊ نه چئو، آئون سليڪٽڊ کي سليڪٽڊ ۽ منافق کي منافق ئي چوندس

هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندي ۽ اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت اسان جي زبان بند نه ٿي ڪري سگهي، عمران خان جي دور ۾ ڀارت اسان کان ڪشمير کسي ورتو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*