وفاقي ڪابينا ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان پاڪ ڀارت دوستي بس سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي

وفاقي ڪابينا ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان پاڪ ڀارت دوستي بس سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ ۽ واديءَ ۾ ڀارتي ظلم بابت غور ويچار ڪيو ويو

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف منظور ڪيل ٺهراءَ جي به منظوري ڏني وئي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت سان واپاري جي معطلي جو اثر افغانستان سان واپار تي نه پوندو

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرز شيخ رشيد جي کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمجهوتا ۽ ٿر ايڪسپريس بند ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزير اعظم پاران ڪشمير معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي سربراهي ڪشمير معاملن جو چيئرمين  فخر امام ڪندو

ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي ۾ حڪومت سميت اپوزيشن جا ميمبرز به شامل هوند،ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي جو جائزو وٺندي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيشنل فرٽيلائيز ڪارپوريشن جي سي اي او ۽ ايس اي سي پي جي چيئرمين کي هٽائڻ جي به منظوري ڏني وئي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيڊرل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد لاءِ قانونسازي جي به منظوري ڏني وئي آهي

ڪابينا پاران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين آئين جي به منظوري ڏني وئي، نئين آئين تحت ڪرڪيٽ بورڊ مان ريجن سسٽم ختم ٿي ويندو

ٻئي پاسي پاڪستان پاڪ ڀارت دوستي بس سروس به معطل ڪري ڇڏي آهي

وفاقي وزير مراد سعيد پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت جي والاريل ڪشمير جي عوام تي ظلم کانپوءِ پاڪ ڀات بس سروس معطل ڪئي وئي آهي

مراد سعيد چيو ته قومي سلامتي ڪيمٽي جي فيصلي کانپوءِ بس سروس معطل ڪئي وئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*