آمريڪي ڪانگريس ميمبر ٿامس سوازي چيو آهي ته مودي سرڪار ڪشميرين جي خودمختياري غصب ڪري ڇڏي آهي

آمريڪي ڪانگريس ميمبر ٿامس سوازي چيو آهي ته مودي سرڪار ڪشميرين جي خودمختياري غصب ڪري ڇڏي آهي، ڪيترائي ماڻهو گرفتار آهن ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ٻڌائي ته ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي رد عمل ظاهر ڪندي آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ٿامس سوازي جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم سان ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ پهريان کان گهڻو وڌي وئي آهي ۽ انتهاپسندن کي ڪارروائيءَ جو موقعو ملي ويو آهي.

ٿامس سوازي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين کي حاصل خودمختياري غصب ڪري ڇڏي آهي، ڳڻتي جوڳي ڳالهه اِها آهي ته عيدالاضحيٰ مٿان آهي، تشدد واري صورتحال روڪڻ لاءِ اسان کي قدم کڻڻا پوندا.

آمريڪي ڪانگريس ميمبر ٿامس سوازي وڌيڪ چيو ته ڪشمير آمريڪي انتظاميا جي ڌيان جو مرڪز هئڻ گهرجي، پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ٻڌائي ته ڪشميري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*