لاهور جي اسلام پوره پوليس ايف آئي آر ۾ عظميٰ بخاري، توصيف شاهه ۽ مهر محمود احمد سميت 8 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي

لاهور جي احتساب عدالت ۾گذريل ڏينهن  مسلم ليگ نون جي اڳواڻن مريم نواز، حمزه شهباز ۽ راڻا ثناءُ الله جي پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

لاهور جي اسلام پوره پوليس ايف آئي آر ۾ عظميٰ بخاري، توصيف شاهه ۽ مهر محمود احمد سميت 8 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 150 نامعلوم ماڻهن کي ايف آئي آر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ايف آئي آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته جوابدارن ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽  سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچايو ۽ پٿراءُ ڪري سپاهي کي زخمي ڪيو.

ڪيس ۾ ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت سميت امن خراب ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ذريعن مطابق ليگي اڳواڻن سميت ڪارڪنن جي خلاف ڪيس سب انسپيڪٽر دلشاد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو.

مسلم ليگ نون  جي اڳواڻ عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پوليس اهلڪار ان سان بدتميزي ڪئي ۽ ڌڪا ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*