سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ تبديلي آڻيندو ۽ نظام ۾ موجود ڪرپٽ عنصرن کي 5 سالن ۾ شڪست ڏينداسين

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ تبديلي آڻيندو ۽ نظام ۾ موجود ڪرپٽ عنصرن کي 5 سالن ۾ شڪست ڏينداسين

 سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم نظرئي ۽ ايمان جي طاقت سان تبديلي آڻيندو

هن چيو ته اسان قائد اعظم محمد علي جناح جا سپاهي بڻجي سامراجي نظام خلاف وڙهي رهيا آهيون

فردوس عاشق اعواڻ  چيو ته سامراجي نظام جو خاتمو ئي عمران خان جي سوڀ آهي

هن چيو ته قومن تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن، قومن  کي مشڪل وقت ۾ قرباني ڏيڻي پوندي آهي

خاص معاون چيو ته جڏهن ليڊر چور هجي ته قوم ان کي فالو ڪندي گهر گهر ۾ ڌاڙيل ۽ چور پئدا ڪندي آهي،اڄ رسيدون ۽ مني ٽريل جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف چون ٿا ته انتقامي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*