حڪومت 14 آگسٽ يوم آزادي جو ڏهاڙو ڪشميرين سان گڏ ملهائڻ لاءِ نيشنل لوگو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن ڀيري جشن آزادي “ڪشمير بني گا پاڪستان” جي سري هيٺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومت 14 آگسٽ يوم آزادي جو ڏهاڙو ڪشميرين سان گڏ ملهائڻ لاءِ نيشنل لوگو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن ڀيري جشن آزادي “ڪشمير بني گا پاڪستان” جي سري هيٺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وفاقي سرڪار پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختمم ڪرڻ ۽ قابض فورس جي ظلم کانپوءِ 14 آگسٽ آزادي جو ڏهاڙو ڪشميري ڀائرن سان گڏ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومت پاران ان سلسلي ۾ نيشنل لوگو به جاري ڪيو ويو آهي، لوگو ۾ ڳاڙهن اکرن سان لکيل “ڪشمير” آزادي واري جدوجهد جي قربانين کي ظاهر ڪري ٿو

حڪومت پاران جاري ڪيل لوگو جو مرڪز“ڪشمير بني گا پاڪستان” آهي، سموري ملڪ ۾ جشن آزادي ڪشمير بني گا پاڪستان جي سري هيٺ ملهايو ويندو

جاري ڪيل لوگو ۾ پاڪستان جو جهنڊو “ڪشمير بني گا پاڪستان ” جو عزم کڻي ڦڙڪي رهيو آهي

جاري ڪيل لوگو ۾ ڪشمير جي آزادي لاءِ هر حد تائين وڃڻ واري جذبي کي رت جي سُرخي سان اجاگر ڪيو ويو آهي

حڪومت پاران جاري ڪيل لوگو جي پاسن ۾ ڳاڙهي رنگ جي لَڪِير ڪشمير تي ڀارتي قبضي ۽ ظلم کي ظاهر ڪري رهي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*