سيڪريٽري تعليم  ڊي او تعليم کي  ٽن ڏينهن اندر معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ڀرياروڊ  هائير سيڪنڊري اسڪول ۾  جشن آزادي واري تقريب دوران شاگرد کي ڇوڪرين وارا ڪپڙا پارائي ڊانس ڪرائڻ واري معاملي جو سيڪريٽري تعليم نوٽيس وٺندي نوشهرو فيروز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ڀريا روڊ اسڪول ۾ جشن آزادي جي تقريب دوران شاگرد کي ڇوڪرين وارا ڪپڙا پارائي ڊانس ڪرائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سيڪريٽري تعليم  نوٽيس  وٺندي نوشهري فيروز جي    ڊپٽي ڊائريڪٽر  ڪريم بخش سيال ، تعلقا ايجو ڪيشن آفيسر ڀريا محمد جمن چانڊيو ، ۽ پرنسپال گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول نوشهرو فيروز شفيغ محمد پٺاڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر  ڪيو آهي.

سيڪريٽري تعليم  ڊي او تعليم کي  ٽن ڏينهن اندر معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

هائير سيڪنڊري اسڪول ڀريا روڊ جي  پرنسيپال ذوالفقار علي ڪيريو   موجب  وائرل ٿيل وڊيو ۾  ڇوڪري  نه پر نائين ڪلاس جو هڪ شاگرد عبد الستار سولنگي آهي جنهن کي ڇوڪرين وارا ڪپڙا پهرائي  ڪشمير ي عورتن سان  ٿيندڙ ڀارتي ظلم تي هڪ ٽيبلو پيش ڪرايو ويو هو جنهن ۾ ڀارتي فوجي  عورتن تي ظلم ۽ تشدد ڪن ٿا.

 هن چيو ته سو شل ميڊيا تي اهي ٽيبلوز وارا وڊيو ڪلپ نه آهن  ،هن بي گرائونڊ ۾ مجري وارو گانو پڻ فيڪ آهي

هن چيو ته اسڪول ۾  استادن ۽ شاگردن  کان سوا ڪابه شاگرياڻي  موجود نه هئي

شاگرد اسٽيج تان لهي ڇوڪرين وارا پاتل ڪپرا لاهي ٿو اهڙي و ڊيو پڻ ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*