سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي

OLYMPUS DIGITAL CAMERA

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ڪوهستان ۾ تيز برساتن کانپوءِ ترايون، ڍورا ۽ نيون جل ٿل ٿي ويون، ماروئڙن جا چهرا خوشيءَ وچان ٻهڪي پيا آهن.

ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ساماري، قمبر، بدين، کوسڪي، پنگريو، ڪنڊياري، ٺٽَي، ميرپور بٺوري، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

ننگرپارڪر ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات سبب توڀا ۽ ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون، ڪارونجهر جبل جي مشهور ندي ڀٽياڻي 15 فوٽ وئي آئي

گوڙدڙو سميت ٻيون ننڍيون وڏيون نديون موجن سان وهي اچڻ تي ماروئڙن جا چهرا ٻهڪي پيا، سياحن تفريحي ماڳ ڪارونجهر جو رخ ڪري ڏنو

مٺي ۾ برسات دوران ڳوٺ ويهه هڱورجا ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي محمد موسيٰ جون 3 ڍڳيون سڙي مري ويون

ڪوهستان جي ٿاڻوبولاخان،  ٿاڻو احمد خان، تونگ،  مول، سَرِي، رَيڪ، ڀال،  ڪَرچاتِ ۽ ٿاڻو عارب خان سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي آهي

برسات کانپوءِ کيرٿر، سورجاڻ ۽ ڪانڀو سميت ٻين جبلن تان نئي بارڻ، نئي مول ۽ نئي لويَاڇُ سميت ڪيتريون نئيون ۽ ڍورا وهي آيا، جنهن سبب ڍنڍون، ڍورا ۽ ٻنيون ٻارا جل ٿل ٿي ويا آهن

برسات سبب اڪثر علائقن ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته وسڪاري کانپوءِ مختلف شهرن ۾ بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي

ڪنڊياري ويجهو ڳوٺ پڪا گهانگهرا ۾ گهر جي ڀِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جو نينگر راشد گهانگهرو فوت ٿي ويو

ڪنڊيارو ٽول پلازه وٽ هوٽل جي رڌڻي جي ڇت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پينو فقير پانڌي کوسو زخمي ٿي پيو

برسات سبب اڪثر شهرن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي نه هئڻ سبب شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*