چين والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تي سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ واري معاملي تي پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

چين والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تي سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ واري معاملي تي پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير صورتحال تي چين اسان جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته چين جو دورو بهتر ثابت ٿيو، چين اسان جي اميدن موجب ئي جواب ڏنو آهي

هن چيو ته چين سلامتي ڪائونسل ۾ وڃڻ تي پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو آهي، چيني قيادت آڏو ڪشمير مسئلي جا تاريخي تفصيل رکيا ۽ نيشنل سڪيورٽي جي فيصلن کان آگاهي ڏني

سندس چوڻ هو ته ڪشمير صورتحال تي ٻنهي ملڪن ۾ ڊي جي سطح تي فوڪل پرسن مقرر ٿي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي پاڪستان سخت احتجاج جو حق رکي ٿو

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪشميرين جو ڪيس هر سطح تي وڙهندسين، والاري ڪشمير جي صورتحال تي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته ڀارت پاران جمعي نماز لاءِ ويندڙ ڪشميرين تي گوليون وسايون ويون، ڪشمير ۾ لاڳو ڪرفيو ۾ نرمي نه هئڻ باوجود اڄ اتان جو عوام ٻاهر نڪتو آهي، ڪرفيو ختم ٿيڻ کانپوءِ واديءَ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.

شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ لداخ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا اطلاع مليا آهن، جنهن ۾ شهادتن جا به امڪان آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*