پاڪ فوج جي ترجمان  ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي ته  ان کي سرپرائيز ڏينداسين

پاڪ فوج جي ترجمان  ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي ته  ان کي سرپرائيز ڏينداسين،ڀارت ڪشمير تي قبضي جا خواب نه ڏسي

ڪشمير بابت خاص ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته نائين اليون کانپوءِ ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،ڀارت چاهي ٿو ته حالتون خراب ٿين ته جيئن دنيا جو ڪشمير تان ڌيان هٽي وڃي،جتي به ضرورت پوندي ڀارت کي رسپانس ڏينداسين.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قوم جي مدد سان هٿياربند فوج منهن ٽوڙ جواب ڏيندي

ان کان اڳ ڪشمير بابت اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت پلواما جهڙي هٿ ٺوڪي ڪارروائي  ڪري  سگهي ٿو، جنهن جو جواز بڻائيندي هو پاڪستان خلاف مهم جوئي ڪري.

هن جو چوڻ هو ته پلواما جهڙو حملو پاڪستان ۽ ڪشمير سان غداري ٿيندي ۽ پاڪستان اهڙن حملن جو بار کڻي نٿو سگهي

هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪشمير ڪو زمين جو ٽڪرو ناهي، پر انساني حقن جو معاملو آهي،ان کي دنيا کي ڏسڻ جي ضرورت آهي

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستاني فوج هن وقت پنهنجي اولهندي سرحد  تي امن قائم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته اوڀرندي سرحد  هميشه پاڪ فوج لاءِ پهرين اوليت رهي آهي

هن چيو ته والاريل ڪشمير هڪ جيل ۾ تبديل ٿي  ويو آهي، عوام کي جيئن ساهي ملندي، اهو پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندو

ميجر جنرل آصف غفور واضح ڪيو ته ڀارتي بچاءَ جي وزير راج ناٿ سنگهه جهڙو بيان ڪو هوشمند ملڪ ڏئي نٿو سگهي

ان کان اڳ ڪشمير بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان،پرڏيهي ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين، پ پ اڳواڻ سيد نويد قمر،ڪشمير بابت ڪميٽي جي چيئرمين فخر امام، قانون جي وزير بيرسٽر فروغ نسيم،خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*