وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي صورتحال کان بي خبر حڪومت سياسي قيادت پٺيان پئجي وئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي صورتحال کان بي خبر حڪومت سياسي قيادت پٺيان پئجي وئي آهي، پ پ جا سمورا ميمبر متحد آهن، پارٽي قيادت تي دٻاءُ پيو ته منهن ڏنو ويندو، ملڪ ۾ اصل مسئلو مهانگائي جو طوفان آهي، پي ٽي آءِ وزير ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بيان ڏيندا رهندا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه ٿاڻي بولا خان پهچي ملڪ اسد سڪندر جي والده جي ٽيجهي ۾ شرڪت ۽ دعا گهرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف علي زرداري نيب سان مڪمل سهڪار ڪيو ۽ هر حاضري تي پيش ٿيو، سندس گرفتاري افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته عالمي صورتحال کان بي خبر بڻيل وفاقي حڪومت سياسي قيادت پٺيان پئجي وئي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جا سمورا ميمبر متحد آهن، جيڪڏهن پارٽي قيادت تي دٻاءُ پيو ته منهن ڏينداسين

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت فيل ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ اصل مسئلو مهانگائي جو طوفان آهي، جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جا وزير بيان ڏيندا رهندا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*