نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ٻِيڻي محنت ڪري رهيا آهيون، نيب احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ٻِيڻي محنت ڪري رهيا آهيون، نيب احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي

اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ نيب جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر ڪرپشن جي هلندڙ ڪيسز جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو

ان موقعي تي ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسز کي منتقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي، اسان احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪريون پيا.

نيب چيئرمين چيو ته نيب کي مختلف ماڻهن کان 1 لک 56 هزار 858 شڪايتون مليون آهن، هن وقت تائين نيب 12 سئو 49 ڪرپشن جا ڪيسز احتساب عدالت ۾ داخل ٿيل آهن

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته قوم کان ڦريل 326 ارب رپيا واپس ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويا آهن، اسان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*