نئوديرو ويجهو بي دردي سان قتل ڪيل نينگري زارا منگي جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ زارا منگي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس سومر ڏهاڙي سڏائي ورتو

نئوديرو ويجهو بي دردي سان قتل ڪيل نينگري زارا منگي جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ زارا منگي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس سومر ڏهاڙي سڏائي ورتو، ٻارڙي جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين کي به طلب ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو آهي ته ايندڙ سومر جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ زارا منگي جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين نائله ڀٽو ۽ افشين ڀٽو کي به سڏايو ويو آهي، جنهن دوران سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويندا.

 ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيا آهيون ته ڊاڪٽرياڻين ڄاڻي واڻي ڪوتاهي ڪئي يا کين پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي تربيت ئي نه هئي

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ موجب نينگري جي وارثن مٿان ڪوبه دٻاءُ نه آهي ۽ کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو

ڊي آءِ جي موجب  جي آءِ ٽي جون ڳالهيون ليڪ ٿيڻ واريون خبرون ڪوڙيون آهن

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*