وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جنهن مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان ان کان پوئتي هٽي وياسين

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جنهن مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان ان کان پوئتي هٽي وياسين، ڪمزور طبقي جي مدد ڪرڻ اسان جو ويزن آهي، پاڪستان  کي اسلامي فلاحي رياست بڻائينداسين

اسلام آباد ۾ معذورن لاءِ صحت سهولت پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قومن جا به نظريا هوندا آهن، پاڪستان جو ٺهڻ هڪ عظيم خواب هو، اسان ان کان تمام پري هليا وياسين، اسان کي ان ويزن تي واپس اچڻو آهي.

هن چيو ته اسان کي پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻو هو جيڪو مديني جي رياست تي هلڻ سان ممڪن ٿي سگهيو پئي

سندس چوڻ هو ته اسان کي نبي ڪريم صلعم جي زندگي پڙهڻ گهرجي ۽ سندن زندگيءَ کي سکڻو پوندو، اسان کان اڳ ماڻهن نبي ڪريم صلعم جي سنت تي عمل ڪيو ۽ هزار سال تائين دنيا جي حڪمراني مسلمانن تائين رهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ انسانيت جو نظام آڻڻ چاهيون ٿا، رياست جي ذميواري آهي ته اها غريب ماڻهن کي برابري جا حق ڏئي، ڪوشش ڪريون پيا ته غريب ۽ ڪمزور طبقي کي مٿي آڻيون ۽ انهن جي مدد ڪريون، احساس پروگرام ذريعي ماڻهن جي مدد ڪندا رهنداسين.

وزيراعظم عمران خان چيو ته  احساس پروگرام لاءِ اسان ڪا به جل بازي نه ڪئي، ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ ثانيه نشتر سٺو ڪم ڪيو، انهن جو ٿورائتو آهيان

وزيراعظم چيو ته هيلٿ انشورنس سڀني کان اهم آهي، 25 کان 40 سيڪڙو ماڻهو تمام گهڻا غريب آهن، اسان انهن لاءِ  هيلٿ انشورنس آندي آهي، انهن سڀني جي مدد ڪنداسين، غريبن کي سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*