والاريل ڪشمير ۾ لاڳيتو 14هين ڏينهن به ڪرفيو لاڳو هئڻ سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي ۽ مريض طبي سهولتن کان محروم آهن

والاريل ڪشمير ۾ لاڳيتو 14هين ڏينهن به ڪرفيو لاڳو هئڻ سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي ۽ مريض طبي سهولتن کان محروم آهن

ڀارتي هندو انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آئين جو آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ بعد والاريل واديءَ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو

مودي سرڪار آئين جو آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ کي ٻن حصن ۾ ورهائي انهن کي ڀارتي يونين ۾ شامل ڪيو هو

والاريل ڪشمير ۾ 14 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو هئڻ سبب خالي روڊن تي ڀارتي فوجي مقرر ٿيل آهن جڏهن ته واديءَ ۾ ڪاروباري زندگي مڪمل طور بند آهي ۽ شهرين کان موبائيل فون، لينڊ لائين ۽ انٽرنيٽ جي سهولت به کسي وئي آهي.

والاريل واديءَ ۾ ڪرفيو سبب عوام گهرن تائين محدود آهي ۽ مريضن کي دوائن سميت طبي سهولتون به نه ملي رهيون آهن جڏهن ته خوارڪ جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي

والاريل واديءَ ۾ اسڪول ۽ ڪاليجز مڪمل طور بند هئڻ سبب ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي جڏهن ته سياسي قيدين کي به گهرن ۾ نظربند يا جيل موڪليو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*