ڪنڌڪوٽ ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان بنگوار تي مبينا حملي جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي

ڪنڌڪوٽ ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان بنگوار تي مبينا حملي جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، بااثر جوابدار لياقت بنگوار ۽ سندس ساٿين اسڪول تي حملي بعد استاد ۽ شاگردن کي نيڪالي ڏئي اسڪول کي تالا هڻي ڇڏيا آهن.

بااثر جوابدار لياقت بنگوار ۽ سندس ساٿين گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان بنگوار تي حملو ڪري استاد ۽ شاگردن تي پٿراءُ ڪرڻ بعد اسڪول کي تالا هڻي ڇڏيا آهن

اسڪول تي حملي بابت استاد منظور بنگوار ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ علائقي جي ڊي ايس پي سميت ٻين وس وارن کي لکت ۾ آگاهي ڏيڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي

استاد، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن اسڪول تي قبضو ڪندڙ بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*