ڪراچي جي بهادرآباد واري علائقي ۾ شهرين 15 ورهين جي نينگر کي ڦورو قرار ڏئي وحشياڻي تشدد ۾ ماري ڇڏيو

ڪراچي جي بهادرآباد واري علائقي ۾ شهرين 15 ورهين جي نينگر کي ڦورو قرار ڏئي وحشياڻي تشدد ۾ ماري ڇڏيو، پوليس واقعي جي مک ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي ڪراچي کي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي فوري طور رپورٽ طلب ڪئي ۽ چيو ته هتي جهنگ جو قانون ناهي جو پاڻ ئي ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل نينگر ريحان تي بهادرآباد ٿاڻي تي 2ڪيس داخل آهن، جيل مان به ضمانت تي آزاد هو.

ڪوڪن گرائونڊ ويجهو ٻن ڄڻن نينگر ريحان کي رسن سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پئي ته رستي تان گذرندڙ ٻين ماڻهن به تشدد ۾ حصو ورتو

اطلاع تي رينجرز اهلڪارن پهچي ڪري مبينا ڦورو نينگر کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ته هن رستي ۾ دم ڏنو

پوليس نينگر کي ڦورو قرار ڏئي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ٻن ڄڻن دانيال ۽ زبير کي گرفتار ڪري ورتو آهي

وارثن اطلاع تي جناح اسپتال پهچي نينگر جي سڃاڻپ ڪئي ۽ چيو ته ريحان قصائي جو ڪم ڪندو هو، گذريل رات کان گم هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*