اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جڊيشل رمانڊ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ

اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جڊيشل رمانڊ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي کين جيل ۾ سهولتون ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ سڀاڻي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت چيو آهي ته سڀاڻي جوابدارن جي پيش ٿيڻ جي ضرورت نه آهي رڳو وڪيل پيش ٿين.

نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران آصف زرداري کي جيل ۾ اي ڪلاس ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالتي ڪمري ۾ جج محمد بشير ۽ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب مظفر عباسي ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي، نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عدالت کي چيو ته سمورين درخواستن تي نيب جو موقف به ٻڌو وڃي.

جج محمد بشير نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته اوهان پهريان چئي چڪا آهيو ته نيب سان واڳيل ناهي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان هڪ درخواست ۾ جواب ڏنو آهي ته هي نيب سان لاڳاپيل ناهي پر ٻين درخواستن ۾ اسان جو موقف ٻڌو وڃي.

جج محمد بشير چيو ته آئون نٿو ٻڌان اوهان جو موقف، هي جيل سان واڳيل معاملو آهي، اوهان پنهنجو موقف لکت ۾ جمع ڪرايو، جنهن تي سردار مظفر جج کي چيو ته اوهان ڪيئن ڳالهائي رهيا آهيو، اسين آفيسرز آف دي ڪورٽ آهيون، موقف ٻڌڻو پوندو.

جج محمد بشير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آئون نه ٻڌندس، عدالت ۾ وڏي آواز ۾نه ڳالهايو، جنهن تي سردار مظفر عباسي چيو ته جيڪڏهن زحمت ٿي آهي ته معذرت ڪريان ٿو.

جج بشير احمد چيو ته جڏهن اوهان چئي ڇڏيو ته نيب بابت ناهي ته پوءِ ڇڏي ڏيو، آئون ته نيب جو موقف ٻڌي رهيو هئس پر اوهان پاڻ چيو ته منهنجو ڪم ناهي.

احتساب عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ سڀاڻي جي تاريخ مقرر ڪندي ٻنهي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 5 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

عدالت چيو آهي ته سڀاڻي جوابدارن جي پيش ٿيڻ جي ضرورت نه آهي رڳو وڪيل پيش ٿين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*