سنڌ هاءِ ڪورٽ فيسن ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ فيسن ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت والدين پاران داخل ڪرايل توهين عدالت واري درخواست اڪلائيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جون 2017ع کانپوءِ فيس ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪندڙن کي رقم واپس ڪرڻي پوندي.

جسٽس عقيل عباسي جي سربراهيءَ ۾ بئنچ خانگي اسڪولن پاران فيسن بابت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ خلاف والدين جي توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول منسوب صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سمورن اسڪولن کي نوٽسز جاري ڪيا ويا آهن، هاڻي ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن تي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته پنج سيڪڙو اضافو جون 2017ع کان لاڳو ٿيندو، ان کانپوءِ جنهن به فيس ۾ اضافو ڪيو آهي، ان کي واڌو رقم واپس ڪرڻي پوندي.

جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته قانون تي عملدرآمد ڪير ڪرائيندو؟ سرڪار ته بيوس آهي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل صاحب کي ٽَي ڪرسيون ڏئي ويهاريو ويو آهي.

عدالت فيس ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪندڙ اسڪولز خلاف ڪارروائيءَ جو حڪم ڏيندي والدين جي توهين عدالت واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*