آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڄ آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي

آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ هفتي جي سرڪاري دوري تي اڄ امريڪا روانو ٿي رهيو آهي، جتي فوجي ۽ سول اختيارين سان ملاقاتون ڪري دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف امريڪي قيادت جي دعوت تي اڄ امريڪا روانو ٿي رهيو آهي.

آرمي چيف هڪ هفتي جي سرڪاري دوري دوران امريڪي فوجي ۽ سول اختيارين سان ملاقاتون ڪري خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

آرمي چيف امريڪي اختيارين سان ملاقاتن دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي جاري آپريشن، افغان صورتحال ۽ ڀارت جي ايل او سي تي دخل اندازي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي دوري دوران امريڪي بچاءُ واري کاتي جي پاڪستان ۽ پاڪ فوج تي افغانستان ۾ مداخلت سميت ٻين سنگين الزامن وارو معاملو به بحث هيٺ ايندو.

آرمي چيف جي دوري جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوه اڳ ئي واشنگٽن پهچي چڪو آهي.

ذريعن موجب امريڪي بچاءُ واري سيڪريٽري چيڪ هيگل سان به آرمي چيف جي ملاقات جو امڪان آهي، جڏهن ته هـُو فلوريڊا ۾ سينٽ ڪام هيٺ ڪوارٽر جو به دورو ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*