سڪرنڊ شهر جي عظيم ڪالوني وارڊ نمبر 11 جي رهواسين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سڪرنڊ شهر جي عظيم ڪالوني وارڊ نمبر 11 جي رهواسين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي محمد عيسيٰ جمالي، علي حسن ناهيون، غلام محمد ڌاريجو ۽ ٻين چيو ته برسات سبب سڄي سڪرنڊ شهر جو پاڻي سندن ڪالوني ۾ اچي بيٺو آهي، پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جا عملدار پاڻي ڪڍڻ لاءِ لڳل مشينن جو تيل کپائي پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن. تازين برساتن پوڻ ڪري سندن گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر هينئر تائين ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو آهي.

هنن وزير اعليٰ سنڌ، ڊي سي بينظير آباد، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندن ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي گهرن کي ڪرڻ کان بچايو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*