شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ايڊمن بلاڪ آڏو لک صلوات جو ورد ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ايڊمن بلاڪ آڏو لک صلوات جو ورد ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن مير حسن ميتلو،  رضا محمد دراني، قربان پھوڙ، حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اتر سنڌ جي وڏي تعليمي درسگاهه بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، ملازمن کي پگهار به پوري نه ٿي ملي سگهي، يونيورسٽي انتظاميا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ احتجاج نه ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي رھي آھي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ جي اڳواڻي ۾آفيسرن جي وفد ڪئمپ تي پھچي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندن  مطالبا جائز آھن، احتجاج ختم نه ڪريو پر ايڊمن بلاڪ جا تالا کوليو، جڏهن ته ملازمن ايڊمن بلاڪ جا تالا کولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.

ملازمن چيو ته پھريان سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن پوءِ تالا کوليا ويندا ۽ مطالبيا نه مڃيا ويا ته سندن احتجاجي تحريڪ مرڻ گھڙي تائين جاري رهندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*