سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جِي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن جِي آل پارٽيز ڪانفرنس کي “ اچو ته پاڻ ۾ سياست ڪريون

 سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جِي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن جِي آل پارٽيز ڪانفرنس کي “ اچو ته پاڻ ۾ سياست ڪريون” جِي نئين قسط قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي اي پي سي شهباز شريف جَي چيلهه جَي سـُور ۽ بلاول ڀٽو جي تنظيمي دورن جَي نذر ٿي وئي.

جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي “ اچو ته پاڻ ۾ سياست ڪريون” جِي نئين قسط ۾ مولانا فضل الرحمان سان وري ٺڳي ڪري ويون.

هن چيو ته اپوزيشن جا اڳواڻ هڪٻئي سان ئي سچ نٿا ڳالهائن ته اهي عوام سان ڪهڙو سچ ڳالهائيندا.

فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ پئسا بچايو پارٽين جِي ايجنڊا هڪٻئي کان مختلف آهي.

وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته کوٽا سِڪا هلڻ وارا ناهن، مولانا صاحب هِنن کي ڇڏي مظلوم ڪشميرين جَي حق ۾ آواز بُلند ڪري…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*