ڀريا سٽي  ۾ هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڀريا سٽي  ۾ هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ راول سولنگي ۾ قتل ٿيل علي احمد سولنگي جي ڀيڻ شانل سولنگي، ڌيئر نسيم سولنگي، وسيما ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيدي ٻڌايو ته  نوشهرو فيروز پوليس 6 جوابدارن مان صرف 2 جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي، باقي چئن جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

هنن ڊي آءِ جي شهيد بيظير آباد،  ايس ايس نوشهري فيروز کان گهر ڪئي آهي ته ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ساڻن سان انصاف ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*