سانگهڙ ۾ فشر فوڪ فورم پاران مٺن پاڻين جي ڍنڍن تي قبضن خلاف سيد محمد علي شاهه جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو  ويو

سانگهڙ ۾ فشر فوڪ فورم پاران مٺن پاڻين جي ڍنڍن تي قبضن خلاف سيد محمد علي شاهه جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو  ويو.

ان موقعي تي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ سيد محمد علي شاهه، رسول بخش ملاح، ايوب ملاح، رمضان ملاح ۽ ٻين چيو ته ڊي جي فشريز ھڪ ليٽر جاري ڪري سموري سنڌ ۾ ملاحن کي مڇي مارڻ جا لائسنس جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي جنهن خلاف هنن احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته جيستائين مٺن پاڻين جي ڍنڍن تان بااثر ماڻهن جا قبضا ختم نه ٿيندا ۽ ڊائريڪٽر جنرل فشريز پاران مڇي مارڻ جي لائسنس تي پابندي وارو ليٽر واپس نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*