ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ  چيو آهي ته جگر جلال ۽ ٻيا پاڻ ڌاڙيلن وٽ فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا، ڌاڙيلن کين رستي مان اغوا نه ڪيو پر پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو آهي

شڪارپور ويجهو ناليواري راڳي جگر جلال، سندس پٽ ۽ ڀائيٽي سميت اغوا ٿيل 5 ڄڻا تيغاڻي ڌاڙيلن وٽ يرغمال هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ  چيو آهي ته جگر جلال ۽ ٻيا پاڻ ڌاڙيلن وٽ فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا، ڌاڙيلن کين رستي مان اغوا نه ڪيو پر پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو آهي، علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران 8 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، جگر جلال ۽ ٻين کي جلد بازياب ڪرائينداسين.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته ناليواري فنڪار جگر جلال، سندس پٽ ۽ ڀائٽيي سميت پنج ئي ڄڻا اغوا ناهن ٿيا پر اهي فن جي مظاهري لاءِ ڌاڙيلن وٽ ويل هئا، جن کي بعد ۾ ويهاري ڇڏيو.

ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل جگر جلال سان گڏ سندس پٽ آفتاب چانڊيو، ڀائٽيو امير عرف آڪاش، سازندو لطيف تنيو ۽ ڪار ڊرائيور  بهادر کهاوڙ شامل آهن، ڌاڙيلن ڍولڪ نواز کي رستي ۾ ڇڏي ڏنو هو

ڌاڙيلن پاران ڇڏي ڏنل ڍولڪ نواز جنيد شاهه جو چوڻ آهي ته هٿياربندن کيس سيد هئڻ جي بنياد تي ڇڏي ڏنو

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڍولڪ نواز ٻڌايو ته هو گذريل ڏينهن شڪارپور ۾ هڪ پروگرام لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪرمپور کان اڳتي هڪ موريءَ وٽ هٿياربند ڌاڙيلن کين روڪي ورتو

جنيد شاهه چيو ته پروگرام جي آرگنائيزر رستو ڏيکارڻ لاءِ هڪ موٽرسائيڪل سوار اماڻيو هو، جيڪو هٿياربندن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ واپس موٽي ويو

هن ٻڌايو ته ڌاڙيل کيس هڪ واهه جي ڪنڌيءَ تي ڇڏي فنڪار جگر جلال ۽ ٻين کي اغوا ڪري کڻي ويا

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان بلوچ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته راڳي جگر جلال تيغاڻي ڌاڙيلن وٽ فن جو مظاهرو ڪرڻ ويو هو، جن بعد ۾ کين ويهاري ڇڏيو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*