ٻارڙي زارا منگي جي اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي، 21 آگسٽ تي ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي

ٻارڙي زارا منگي جي اجتماعي ڏاڍائي بعد قتل بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي، 21 آگسٽ تي ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي، ٻارڙيءَ بابت غلط رپورٽ پيش ڪندڙ ٻن ڊاڪٽرياڻين نائلا ۽ افشين کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو آهي ته پوليس تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، ڊي آءِ جي اعتراف ڪيو ته شروعاتي جاچ دوران پوليس جو رويو پروفيشنل نه هو.

لاڙڪاڻي ۾ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي صدارت هيٺ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران جي آءِ ٽي سربراهه اي ايس پي محمد ڪليم زارا منگي قتل ڪيس جي جاچ جي حوالي سان آگاهه ڪيو

جي آءِ ٽي جي گڏجاڻي ۾ زارا منگي جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ٻئي ڊاڪٽرياڻيون ڊاڪٽر نائلا ڀٽو ۽ ڊاڪٽر افشين ڀٽو به پيش ٿيون، جن کي نئين ديري ۾ بيان رڪارڊ ڪرڻ جو چئي واپس موٽايو ويو

پوليس موجب زارا منگي قتل ڪيس جو چالان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گرفتار ڪيل چئني جوابدارن ۽ پوسٽ مارٽم بعد شاهديون لڪائڻ جي الزام هيٺ ٻنهي ڊاڪٽرياڻين نائلا ڀٽو ۽ افشين ڀٽو کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 21 آگسٽ تي ٻڌڻيءَ دوران پيش ڪيو ويندو ۽ سڀاڻي جي آءِ ٽي سربراهه محمد ڪليم  پريس ڪانفرنس ذريعي ميڊيا کي ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪندو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان منگي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي تمام بهتر نموني سان ڪيس جي جاچ ڪئي آهي، زارا منگي جي وارثن کي ضرور انصاف فراهم ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*