وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو  ويو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ وارو فيصلو ملڪ ۽ خطي ۾ جاري امن جي ڪوششن واري تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ  ڪيو ويو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملازمت جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ کانپوءِ 29 نومبر 2022 تائين پاڪ فوج جو سپهه سالار طور ذميواريون نڀائيندو رهندو

ياد رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر 2016ع تي پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالي هئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي ڪيرئير جي شروعات 1980ع ۾ 16 بلوچ ريجمينٽ کان شروع ڪئي

جنرل قمر جاويد باجوا ڪينيڊين فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ٽورنٽو، نيول پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي مونٽيري ڪيليفورنيا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*