پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مد ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مد ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪيو آهي

هن چيو ته خطي ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال کي برقرا رکڻ لاءِ تسلسل برقرار رکڻ تمام ضروري آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي فيصلي سان دنيا ۾ واضح پيغام ويو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي

پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اصل حقيقتون ڪرفيو ختم ٿيڻ کانپوءِ ئي سامهون اينديون، عالمي ميڊيا موجب والاريل واديءَ جي عوام تي ظلم ٿي رهيو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي جي دفاع واري وزير جو غير ذميواراڻو بيان ۽ ان جا عزم سڀني جي سامهون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*