سنڌ اسيمبليءَ ۾ به جگر جلال جي اغوا واري معاملي تي بحث ٿيو آهي، جتي جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾بدامني وڌي وئي آهي

سنڌ اسيمبليءَ ۾ به جگر جلال جي اغوا واري معاملي تي بحث ٿيو آهي، جتي جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾بدامني وڌي وئي آهي، جگر جلال کي پنجن ساٿين سميت اغوا ڪيو ويو آهي، چانڊين کي اغوا ڪرڻ قيامت جي نشاني آهي، هتي چانڊيا اغوا ٿين پيا پوءِ اسان ديوانن جو ڇا ٿيندو ؟ صوبائي وزير امتياز شيخ عجيب منطق پيش ڪندي جواب ڏنو ته جگر جلال محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ لاءِ ويو هو،کيس اغوا ناهي ڪيو ويو، مداحن ويهاري ڇڏيو اٿس.

سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار جگر جلال جي اغوا ۽ جهول ۾ تامل مينگهواڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو

نندڪمار چيو ته ناليواري فنڪار جگر جلال کي به پنجن ڄڻن سميت اغوا ڪيو ويوآهي، چانڊين کي اغوا ڪرڻ قيامت جي نشاني آهي

نندڪمار جي مذاق جو اسپيڪر آغا سراج دراني جواب ڏيندي چيو ته  اوهان کي ته ڪنهن تنگ نه ڪيو آهي نه ؟

نند ڪمار چيو ته منهنجي مٿان پيرپاڳاري جو هٿ آهي، کيس ڪوبه هٿ نه لائيندو

هن وڌيڪ چيو ته تامل داس جا اڃان تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس ۽ سنڌ سرڪار ڇا ڪري رهي آهي ؟

نندڪمار جي جواب ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ عجيب منطق پيش ڪندي چيو ته جگر جلال اغوا ناهي ٿيو، هو محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ لاءِ ويو هو، جتي مداحن کيس ويهاري ڇڏيو آهي

هن چيو ته جهول ٿاڻي جي حد ۾ اغوا بعد قتل ڪيل تامل داس جا قاتل گرفتار ۽ جيل ۾ آهن

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ امن امان بهتر آهي، باقي ٿورا گهڻا واقعا ٿيندا رهندا آهن، جن تي به جلد ضابطو آندو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*