جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ پنهنجي واعدي موجب حمايت ڪن ته لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ پنهنجي واعدي موجب حمايت ڪن ته لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڪا جماعت اسان جي حمايت نه به ڪري تڏهن به اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ ڪشمير صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو

آل پارٽيز ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي کان گارنٽي گهرندي چيو ته ٻئي پارٽيون پنهنجي واعدي  موجب حمايت ڪن ته لاڪ ڊائون لاءِ تيار آهيون

هن چيو ته جيڪڏهن ٻئي پارٽيون اسان جي حمايت نه ٿيون ڪري سگهن ته واضح ڪري ڇڏين، اسان پاڻ اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا

سندس چوڻ هو ته اسان جي لاڪ ڊائون ۾ انسانن جو هڪ ريلو نڪرندو ۽ ان جي نوعيت مختلف هوندي، اسان جا ماڻهو عياشي لاءِ نه پر مجاهدين جيان ايندا

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته حڪومت ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ بدران ان کان پوئتي هٽي رهي آهي، حڪومت ڪشميرين جي پٺيءَ  ۾ ڇرو هنيو آهي

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪالهه اسان سوچي رهيا هئاسين ته سري نگر کي ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي، پر اڄ سوچي رهيا آهيون ته مظفر آباد کي ڪيئن بچائڻو آهي

ياد رهي ته اپوزيشن جماعتن جي اڄوڪي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف شرڪت نه ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*