اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سي پيڪ تحت ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت اهم اجلاس ٿيو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبا پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار جو نمونو آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر سموري خطي کي فائدو ٿيندو

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سي پيڪ تحت ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت اهم اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي توانائي، انفرا اسٽڪچر، اورنج لائين، پورٽ قاسم، ڪول فائيو ۽ گوادر پاور پلانٽ تي بريفنگ ڏني وئي

وزير اعظم عمران خان کي ايم ايل ون،گوادر پورٽ، سکر-ملتان موٽر وي، حويليان سيڪشن ۽ ڪوهاله هائڊرو پاور پراجيڪٽ تي به آگاهي ڏني هئي

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته ملتان سکر موٽر وي مڪمل ٿي ويو آهي، تمام جلد ان جو افتتاح ٿيندو

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ منصوبه ٻنهي ملڪن جي گڏيل سهڪار جو شاهڪار نمونو آهي، سي پيڪ تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن کي مقرر وقت تي پورو ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي بنا ڪنهن دير جي اڳڀرائي يقيني بڻائڻ لاءِ سي پيڪ اٿارٽي به قائم ڪئي پئي وڃي

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر سموري خطي کي فائدو ٿيندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*