آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ، وزير اعظم   عمران خان ۽ نريندر مودي  تي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ امن قائم رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي

       آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ، وزير اعظم   عمران خان ۽ نريندر مودي  تي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ امن قائم رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان هوگن گڊلي مطابق ڀارتي  وزير اعظم نريندر مودي   جي آمريڪي صدر ٽرمپ  سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ صدر ٽرمپ، پاڪ-ڀارت تڪرار گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.

    وائيٽ هائوس مطابق صدر ٽرمپ خطي ۾ امن برقرار رکڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن بهتر بنائڻ ۽ ٻيهر ملاقات ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

       آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وزيراعظم عمران خان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن جي ٻن سٺن دوستن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*