تعليم کاتو ڪنڌڪوٽ ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان ڀنگوار تان چئن ڏينهن کان بااثر جو قبضو ختم نه ڪرائي سگهيو

تعليم کاتو ڪنڌڪوٽ ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان ڀنگوار تان چئن ڏينهن کان بااثر جو قبضو ختم نه ڪرائي سگهيو، اسڪول کي تالا لڳل هئڻ سبب استاد ٻارڙن کي ڇَپري هيٺ ويهاري تعليم ڏيڻ لڳو.

تعليم کاتي جي عملدارن ۽ پوليس جي نااهلي سبب ڳوٺ محمد بخش ڀنگوار ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحمان ڀنگوار تي چئن ڏينهن کان بااثر جو قبضو آهي.

درسگاهه کي تالا لڳل هئڻ سبب استاد منظور احمد ڀنگوار تعليمي نظام هلائڻ ۽ ٻارڙن جو مستقبل بچائڻ لاءِ کين ڇَپرَي هيٺ ويهاري پڙهائڻ لڳو.

بااثر وڏيري تعليمي درسگاهه کي تالا لڳائڻ کانپوءِ قانون جي رٽ کي چئلينج ڪندي اسڪول کولي ڏيکارڻ لاءِ تعليم کاتي جي عملدارن ۽ ضلعي پوليس جي آفيسرن ڏانهن پيغام اماڻي ڏنو.

تعليم کاتي جي عملدارن ۽ پوليس جي لاپرواهيءَ سبب معصوم ٻارڙا خوف واري ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد منظور احمد ڀنگوار ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته هــُو گذريل چئن ڏينهن کان تعليم کاتي جي آفيسرن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پر ڪوبه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

استاد ۽ ڳوٺاڻن تعليم کاتي جو قلمدان رکندڙ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول تان بااثر جو قبضو ختم ڪرائي ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*