عدالت جوابدارن جي سزا معطلي واري  درخواست رد ڪندي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، 2013جي چونڊن دوران ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ زهرا شاهد قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ راشد ٽيلر ۽ زاهد عباس زيدي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي مقتول اڳواڻ زهرا شاهد قتل ڪيس جي جوابدارن جي سزا معطلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ، شاهدن جَي بيانن ۾ تضاد آهي، ڪيس به واقعي جَي9 ڏينهن بعد داخل ڪيو ويو هو، تنهنڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا معطل ڪئي وڃي.

عدالت جوابدارن جي سزا معطلي واري  درخواست رد ڪندي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.

عدالت چيو ته جوابدارن جي سزا ۾ گهٽتائي دستاويزن ۽ شاهدين ۾ معمولي تضاد سبب ڪئي وئي.

واضح رهي ته جوابدارن دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو هو ته هنن ايم ڪيو ايم جي باني جي چوڻ تي شهر ۾ ڏهڪاءُ پکيڙڻ لاءِ زهرا شاهد کي قتل ڪيو هو ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*