عرب ميڊيا موجب، گذريل رات سعودي عرب جَي ولي عهد ۽  وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي

وزيراعظم عمران خان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کانپوءِ سعودي ولي عهد سان فون تي رابطو ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهي ڏني آهي.

عرب ميڊيا موجب، گذريل رات سعودي عرب جَي ولي عهد ۽  وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي.

سعودي عرب جي ولي عهد ڪشمير معاملي تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان کيس والاريل ڪشمير جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو.

عرب ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خطي جي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ان کان اڳ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان به رابطو ڪيو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*